ڪراچي جي علائقي لي مارڪيٽ ۾ 4 عورتن جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو.پوليس موجب گهر جي سربراهه محمد فاروق جي فرياد تي نامعلوم ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار بلال قتل ڪيس ۾ ملوث آهي، جوابدار گذريل ڏينهن قتل جو اعتراف به ڪيو هو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پيءُ ڪيس ۾ پٽ جو نالو ظاهر ڪرڻ نٿو چاهي.










