اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ليفٽيننٽ جنرل منير افسر کي نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي.وفاقي ڪابينا ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افسر کي چيئرمين نادرا مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.بيان موجب وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سمري تي نادرا جي چيئرمين لاءِ 3 نالن جي منظوري ڏني، سليڪشن ڪميٽي نادرا جي چيئرمين لاءِ 3 بهترين اميدوارن جا نالا شارٽ لسٽ ڪيا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪابينا تفصيلي غور ويچار کانپوءِ نادرا جي نئين چيئرمين جي مقرري جي منظوري ڏني.وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افسر کي چيئرمين نادرا مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. وفاقي گهرو وزارت نادرا جي نئين چيئرمين جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افسر جي نادرا چيئرمين طور مقرري فوري طور تي ٿيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ليفٽيننٽ جنرل منير افسر جي ايڇ ڪيو ۾ آءِ جي ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر آهي. ليفٽيننٽ جنرل منير افسر، جيوگرافڪ انفارميشن سسٽمز ۽ ريموٽ سينسنگ ۾ ايم ايس، کي ريپڊ جيو اسپيشل ڊيٽا جنريشن تي سندس ٿيسز لاءِ صدر جي ايوارڊ سان نوازيو ويو. ليفٽيننٽ جنرل منير افسر NDU واشنگٽن مان نيشنل ريسورس اسٽريٽجي ۾ ايم ايس ڪيو ۽ هن وقت NUST اسلام آباد ۾ ريموٽ سينسنگ ۾ پي ايڇ ڊي اميدوار آهي. ليفٽيننٽ جنرل منير آفيسر آءِ ٽي ۽ جي آءِ ايس جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل پنهنجي ڪريڊٽ جي حوالي سان ڪيترائي تحقيقي پبليڪيشن ڪيا، هو ڊي جي ڪمانڊ، ڪنٽرول، ڪميونيڪيشن ميجر جنرل جي حيثيت ۾ رهيو. ليفٽيننٽ جنرل منير انسپيڪٽر جنرل آف ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي هو.
