ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي قومي اسيملي مان اعمتاد جو ووٽ وٺڻ واري صبح اسان جا 3 ميمبر گهٽ هئا، هر طرف ٿرٿلو متل هو، في الحال لوٽن کي نيڪالي ڏيڻ جو وقت ناهي، جيڪڏهن 20 ميمبرز کي ڪڍي ڇڏيون ته حڪومت هلي نه سگهندي: وفاقي وزير شيخ رشيد جيو ٽي وي جي پروگرام جرڳه ۾ ڳالهائيندي چيو ته حڪومت کي اليڪشن ڪميشن تي ايترو نزلو نه ڪيرائڻ گهرجي ها پر چيف اليڪشن ڪمشنر جي سخت بيان بعد رد عمل ظاهر ڪرڻو پيو، صادق سنجراڻي حڪومت ۽ رياست ٻنهي جو اميدوار آهي، جيڪو ٻيهر سينيٽ چيئرمين ٿيندو.










