للي برج وٽ روزانو ھڪ لک گلين مٺو پاڻي چوري ڪيو ويندو ھو: عملدار

للي برج وٽ روزانو ھڪ لک گلين مٺو پاڻي چوري ڪيو ويندو ھو: عملدار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) للي برج وٽ سب سوائل جي نالي تي مٺو پاڻي چوري ڪرڻ واري معاملي تي واٽر ڪارپوريشن جي عملدارن جو چوڻ هو تہ للي برج وٽ سب سوائل جي نالي تي روزانو ھڪ لک گلين مٺو پاڻي چوري ڪيو ويندو ھو اختيارين جو چوڻ آهي تہ للي برج تي آپريشن صوبائي صلاحڪار سيد نجمي عالم خلاف نہ پر پاڻي چورن خلاف ھو پر سوشل ميڊيا تي صوبائي صلاحڪار جو نالو استعمال ڪيو ويو ھو جنهن سان واٽر ڪارپوريشن سان ڪو بہ تعلق ناهي اختيارين جو وڌيڪ چوڻ هو تہ شهرين جي حصي جو پاڻي ڪنهن کي بہ چوري ڪرڻ جي اجازت نہ ڏينداسين ۽ ان سلسلي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سهڪار سان پاڻي چورن خلاف ڪارروايون جاري آهن جيڪو بغير ڪنهن فرق جي جاري رهنديون ڇاڪاڻ تہ پاڻي تي صرف شهرين جو حق آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو