لسٽ ۾ شامل ٿيڻ کان رهجي ويل متاثرن کي گهر ٺاهي ڏيڻ جي منظوري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ڪابينا ٻوڏ متاثرن جي لسٽ ۾ شامل ٿيڻ کان رهجي ويل متاثرين کي به گهر ٺاهي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وڏي وزير مراد علي شاهه پاران متاثرين جا گهر ڊهڻ جي تصديق بعد سندن نالا لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت، 20 هزار ٻوڏ متاثرن جا گهر تعمير ڪندڙ مسترين جي تربيت ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو ،وڏي وزير جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ لياري ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڪلينيڪل ميڊيڪل سائنس ۽ ٽيچنگ فيڪلٽي ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، ڪابينا سنڌ ميڊيڪو ليگل ايڊوائيزري بورڊ بڻائڻ جي منظوري به ڏني، سنڌ ميڊيڪو ليگل ايڪٽ 2023 ۾ نافذ ٿيو هو، سيڪريٽري هيلٿ بورڊ جو چيئرمين هوندو

پهنجو تبصرو موڪليو