لاکڙا جي کاڻ ۾ پٿر ڪرڻ جي نتيجي ۾ پورهيت فوت

مانجهند(ن س)لاکڙا ڪول فيلڊ جي کاڻ ۾ پٿر ڪرڻ جي نتيجي ۾ پورهيت فوت ٿي ويو،تفصيل موجب لاکڙا ڪول فيلڊ جي ڪاشف ڪوئلا ڪمپني ۾ کاڻ ۾ پٿر ڪرڻ جي نتيجي ۾ 25 ورهين جو پورهيت سعيد محمد ولد احمد گل پٺاڻ سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو فوتي مزدور جو تعلق ڪي پي ڪي صوبي جي شانگلا واري علائقي سان آھي جنهن جي لاش جي ضروري ڪاغذي ڪاروائي بعد مڙھ کي منتقل ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو