لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي ۾ 11 هين ڪلاس جي اردو جي پيپر دوران ڪيترن ئي امتحاني سينٽرن ۾ بجلي جا ڪرنٽ لڳڻ سبب شاگرد پريشان ٿي ويا امتحاني مرڪزن ۾ ڪاپيءَ جو سلسلو پڻ جاري رهيو، جڏهن ته جاچ ٽيمن ڇاپا هنيا ۽ ڪاپي ڪندڙ 15 شاگردن کي سينٽرن مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.ٻئي طرف ڪراچي ۾ اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ تحت داخلائن جا امتحان جاري آهن.پري انجنيئرنگ ۽ هوم اڪنامڪس جو فزڪس جو پيپر اڄ صبح ٿيندو جڏهن ته جنرل گروپ جو ميٿس جو پيپر منجهند ۾ ٿيندو.










