لاڙڪاڻي ۾ اي ايس پي سٽي آفيس اندر ڪريڪر سان حملو

لاڙڪاڻو(ن س) اي ايس پي سٽي آفيس اندر جوابدار ڪريڪر اڇلائي ڇڏيو، ڌماڪي سبب خوف حراس پکڙجي ويو،اطلاع تي پوليس جي وڏي نفري ڌماڪي واري هنڌ پهچي وئي، ڪريڪر جي ڌماڪي بعد علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو،پوليس موجب سول لائين ٿاڻي جي حد ايس پي سٽي جي آفيس ۾ اڇلائي ڪريڪر ڌماڪو ٿيو،پوليس جو چوڻ هو ته بم ڊسپوزل عملي پهچي شاهديون گڏ ڪرڻ شروع ڪيون آهن،لاڙڪاڻو پوليس ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ٽي اڻڄاتل نوجوان هڪ موٽر سائيڪل تي سوار ٿي اي ايس پي سٽي آفيس ٻاهران ڪريڪر بم اڇلائي فرار ٿي ويا آهن جنهن جي سي سي ٽي وي فٽيجز جي مدد سان جاچ ڪئي پئي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو