سنڌ ۾ نوڪرين تي پابندي ختم، يونيورسٽي لاءِ 40 ڪروڙ منظور

ڪراچي(اسٽاف رپورٽ)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو،اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي،ترجمان وزيراعليٰ هائوس موجب سنڌ ڪابينا سمورن کاتن ۾ ڀرتين تي پابندي هٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سنڌ جي وڏي وزير قانون واري وزير ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي هدايت ڪئي ته عدالتن ۾ ڀرتين تي پابندي ختم ڪئي وڃي، وڏي وزير چيو ته ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج امپروومينٽ پروجيڪٽ ڊونر ايجنسين جي سهڪار سان 100 ملين ڊالرن جا منصوبا شروع ڪيا آهن، ڪي ڊبليو ايس ايس آئي پي پروجيڪٽ صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ واٽر بورڊ جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ آهي،ڪي ڊبليو ايس ايس آئي پي جي ڪل لاڳت جو 40 سيڪڙو ورلڊ بئنڪ، 40 سيڪڙو AIIB ۽ 20 سيڪڙو سنڌ حڪومت ادا ڪندي.سنڌ حڪومت پنهنجي حصي جي 646.756 ملين رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.سنڌ ڪابينا لاڙڪاڻو يونيورسٽي لاءِ 400 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي.سنڌ جي وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي چيو ته سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪمشنر ذريعي هر يونيورسٽي لاءِ بزنس پلان ٺاهيو وڃي.هتي هڪ پلان هجڻ گهرجي ته يونيورسٽي پنهنجي قيام کانپوءِ پنهنجا خرچ ڪيئن پورا ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو