لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ بدترين سموگ سبب شهرين ۾ ٿڌ، فلو، بخار ۽ گلي جي انفيڪشن جون شڪايتون وڌي ويون آهن.پنجاب صوبي جي شهر لاهور ۽ ان جي چوڌاري اسموگ جو سلسلو جاري آهي.عالمي ويب سائيٽ ايئر ڪوالٽي انڊيڪس موجب لاهور اڃا تائين دنيا جي آلودگي وارن شهرن ۾ پهرين نمبر تي آهي.عالمي ويب سائيٽ موجب اڄ به لاهور جي فضا ۾ آلودگي جو انگ 352 پارٽيڪيوليٽ ميٽر رڪارڊ ڪيو ويو آهي.لاهور سميت 6 ڊويزنن ۾ سموگ جي شدت وڌي وئي آهي.لاهور ۾ بدترين سموگ سبب ٿڌ، فلو، بخار ۽ گلا جي انفيڪشن جي حوالي سان طبي ماهر شهرين کي ماسڪ پائڻ ۽ گهرن کان ٻاهر نڪرڻ جي هدايت ڪري رهيا آهن.










