لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ زمين جي تڪرار تان مخالفن ڊيري ۾ داخل ٿي 3 سڳن ڀائرن سميت 5 ڄڻن کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته فائرنگ دوران 12 ورهين جو نينگر زخمي ٿي پيو.لاهور جي علائقي چوبنگ جي ڳوٺ خان پور ۾ 5 ڄڻن جي قتل ٿيڻ واري واقعي تي نگران وڏي وزير محسن نقوي ۽ آءِ جي ڊاڪٽر عثمان انور نوٽيس وٺندي جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.وارثن موجب مقتول شام جي وقت ڊيري تي ويٺل هئا ته گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن تي ويٺل حملي آورن ايتري فائرنگ ڪئي جو 3 ڀائر شهزاد اعواڻ، مرتضيٰ، مصطفيٰ، سئوٽ ملڪ خادم ۽ ملازم فهد خان ٿڏي تي ئي مارجي ويا. جڏهن ته فائرنگ دران هڪ نينگر پڻ زخمي ٿي پيو.ايس ايس پي انويسٽيگيشن انوش مسعود چوڌري واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو. هن چيو ته زرعي زمين جي تڪرار تان جهيڙو شروع ٿيو جيڪو بعد ۾ خانداني دشمني ۾ تبديل ٿي ويو. جوابدار ۽ مقتول پاڻ ۾ ويجها مائٽ آهن. سي سي ٽي وي جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آهي. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ 4 ٽيمون جوڙيون ويون آهن.هن چيو ته پوليس شاهديون گڏ ڪري پنج مقتول جا لاش پوسٽ مارٽم جي لاءِ مرده خاني منتقل ڪري ڇڏيا آهن.
