پنجاب ۾ جمعي کان آچر تائين موڪل جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي نگران حڪومت سموگ کي ڏسندي جمعي تي لاهور سميت پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو.سموگ لاهور کي دنيا جو گدلو ترين شهر بڻائي ڇڏيو، پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي 10 نومبر جمعي تي لاهور ڊويزن جي سڀني ضلعن، گوجرانوالا، وزيرآباد ۽ حافظ آباد جي ضلعن ۾ سموگ کي ڏسندي موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو. محسن نقوي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 10 نومبر جمعي تي آفيسون ۽ اسڪول بند هوندا، جمعي، ڇنڇر ۽ آچر تي شادي هال کليل رهندا، جڏهن ته پارڪ بند رهندا، بيڪريون، فارميسيز، ٽيڪ اوي ريسٽورنٽ ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ کليل رهندي. هن چيو ته فيڪٽريون بند نه پيا ڪيون، جيڪڏهن عام مزدور جو چلهو وسامي ويو ته مسئلو ٿيندو، اسان موڪل جو اعلان سوچي سمجهي ڪري رهيا آهيون، جمعي تي اسڪولن ۾ هونئن به اڌ ڏينهن هوندو آهي، ڇنڇر تي مارڪيٽون بند هونديون، واپاري مناسب سمجهن ته جمعي تي ڪاروبار بند ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو