لاهور (ويب ڊيسڪ)اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) لاهور مان ڊرون اسمگلنگ خلاف هڪ ٻي وڏي ڪارروائي ڪندي هڪ منشيات سمگلر کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ڳجهي اطلاع تي ڊي ايڇ اي لاهور ويجهو هڪ گاڏي کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ويو، ڪار ۾ سوار جوابدار گاڏي روڪڻ بدران موقعي تان فرار ٿي ويا.گاڏي جي تعاقب دوران جوابدار فوٽ پاٿ تي گاڏي کي ٽڪر هنيو، ڪار جي ڊرائيور لاهور جي رهواسي فياض حسين کي موقعي تي ئي گرفتار ڪيو ويو.تلاشي دوران گاڏي مان 10 ڪلو هيروئن ۽ ڊرون هٿ ڪيو ويو، ڊرون سان 1 ڪلو هيروئن جو پيڪٽ هٿ ڪيو ويو، گرفتار جوابدار اي اين ايف کي ٻين ڪيسن ۾ به گهربل هو.جاچ دوران گرفتار جوابدارن ڊرون ذريعي منشيات اسمگل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو، جوابدارن کان گينگ جي ٻين ميمبرن جي گرفتاري لاءِ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
