لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي ٻئين وڏي شهر لاهور جي هوا جي معيار کي صحت لاءِ انتهائي نقصانڪار قرار ڏنو ويو آهي.ايئر ڪوالٽي انڊيڪس موجب لاهور آلودگي وارن شهرن ۾ پهرين نمبر تي اچي ويو آهي ۽ ان جي هوا جو معيار 290 تي رڪارڊ ڪيو ويو آهي.پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر ڪراچي سڀ کان وڌيڪ آلودگي وارن شهرن جي لسٽ ۾ چوٿين نمبر تي آهي ۽ ان جي انڊيڪس 173 تي رڪارڊ ڪيو ويو آهي.هندستان جي راڄڌاني، نئين دهلي، دنيا جي سڀ کان وڌيڪ آلودگي شهرن ۾ ٻئي نمبر تي آهي. ان جي هوا جي معيار جو انڊيڪس 210 رڪارڊ ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته 151 کان 200 جي سطح جي آلودگي صحت لاءِ نقصانڪار آهي، 201 کان 300 جي سطح جي آلودگي صحت لاءِ انتهائي نقصانڪار آهي. جڏهن ته 301 کان مٿي جي درجه بندي خطرناڪ آلودگي جي نشاندهي ڪري ٿي.










