لاقانونيت ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف ڪُل جماعتي ڪانفرنس گهرائڻ جو فيصلو

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ صوبي ۾ بي امني، لاقانونيت ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف تحريڪ ۽ ڪُل جماعتي ڪانفرنس گهرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، سنڌ جي خوشحالي ۽ ڌاڙيل راڄ جي خاتمي لاءِ ظالم وڏيراشاهي کان نجات اڻ ٽر آهي، سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ۽ ڏوهارين جي سرپرستي ڪندڙ ظالم وڏيراشاهي نظام کي پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت جي سرپرستي حاصل آهي، وڏي وزير مُراد علي شاه پاران ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيارن جي موجودگي تي ڳڻتي سواليه نشان آهي، سنڌ ۾ گذريل 16 سالن کان پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي اهو سوال ته حڪومت کان ڪرڻ گهرجي ته جيڪب آباد ۾ صوبائي صلاحڪار جي اسڪواڊ واري گاڏي مان هٿيار اسمگلنگ کان عوام کي آگاهه ڪيو وڃي، جماعت اسلامي دين کي نافذ ڪرڻ ۽ حق جي غلبي توڙي طاغوتي قوتن سان مهاڏو اٽڪائڻ جي تحريڪ آهي، ان شاء الله فتح حق جي ٿيندي ۽ شڪست آمريڪي غلامن جي مقدر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي قباء آڊيٽوريم ۾ رٿيل صوبائي شورى جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.اجلاس ۾ ڪارڪردگي رپورٽ پيش ۽ سياسي صورتحال سميت دعوتي توڙي تنظيمي مامرن جو پڻ جائزو ورتو ويو ۽ عوامي مسئلن جي قراردادون پاس ڪيون ويون. صوبائي امير زور ڀريندي چيو ته مخلص ۽ ديانتدار قيادت وٽ اقتدار نه هجڻ جي ڪري تيل، گئس ۽ ڪوئلي سميت زراعت جي دولت سان مالا مال سنڌ جو عوام غربت، بُک، بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. پيپلزپارٽي گذريل16 سالن کان لاڳيتو اقتدار ۾ هجڻ باوجود عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي به فراهم نه ڪري سگهي آهي. پنو عاقل ڇانوڻي وارو شهر هجڻ باوجود ڌاڙيل وڏي دليري سان هڪ واپاري جي گهر ۾ گهڙي ڦُرلُٽ ڪرڻ کان بعد معصوم ٻارڙي محمد حسين آرائين کي اغوا ڪرڻ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ فڪر جومقام آهي. آخر ڪيسيتائين حڪومت ۽ ادارا عوام کي خوف ۽ مهانگائي جي چڪي ۾ ٽرڪ جي بتي پويان لڳائي پنهنجا مفاد حاصل ڪندا رهندا، ايٽمي ملڪ جي عوام کي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڌاڙيلن يرغمال بڻائي رکيو آهي، ڌاڙيل راڄ سميت هر قسم جي مافيا حڪمران طبقي ۽ اشرافيه جي پاليل مخلوق آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو