ق ليگ جو ن ليگ سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ نه ڪرڻ جو فيصلو

لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ (ق) مسلم ليگ (ن) سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.سيٽ ايڊجسٽمينٽ نه ڪرڻ جو فيصلو پارٽي سربراهه چوڌري شجاعت جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو.اجلاس ۾ مسلم ليگ (ق) جي سينيئر اڳواڻ چوڌري سالڪ حسين چيو ته مسلم ليگ (ن) اسان جي گهربل تڪن ۾ پنهنجا اميدوار بيهاريا آهن، ان ڪري پارٽي قيادت فيصلو ڪيو آهي ته ٻٽي معيار جو شڪار ٿيڻ نه ڏينداسين.چوڌري سالڪ حسين وڌيڪ چيو ته ن ليگ گجرات ۾ منهنجي ۽ منهنجي ڀاءُ خلاف پنهنجا اميدوار بيهاريا آهن.پارٽي اعلان موجب مسلم ليگ (ق) پنجاب جي سيڪريٽري جنرل چوڌري شفيع حسين به ان فيصلي سان اتفاق ڪيو آهي.چوڌري سالڪ حسين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جيڪڏهن ن ليگ اسان سان مقابلو ڪندي ته اسان پنهنجي ساٿين سان گڏ بيهڻ کي ترجيح ڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو