قيادت ملڪ لاءِ قربانيون ڏنيون،بلاول کي وزيراعظم بڻائينداسين

پشاور(ويب ڊيسڪ)پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اسان کي ڪنهن جي گار جو جواب گار سان نه ڏيڻ گهرجي، اسان کي دليلن سان ان جي اصل حقيقت ٻڌائڻ گھرجي، ھاڻوڪي معاشي صورتحال ۾ عوام کي ھاڪاري اميد ڏيڻ گهرجي، ملڪ ۾ ھاڪاري قيادت کي اڳتي اچڻ گهرجي. پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڄي پاڪستان مان گندي ڪلچر ختم ڪيو آهي. اسان جي پاڪستان جو ڪلچر ادڀ ۽ احترام آهي، پاڪستان جي ثقافت ننڍي ۽ وڏي جي عزت ڪرڻ آهي، پاڪستان جو ڪلچر اهو ناهي جيڪو ڪنهن جي خلاف هجي ان کي گاريون ڏئي، سوشل ميڊيا تي ماڻهن جي خاندانن کي نشانو بڻايو ويو.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هڪ پارٽي جا ميمبر سوشل ميڊيا جا دهشتگرد ھئا، سوشل ميڊيا تي پاڪستان جو غلط چهرو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، گار سان جواب اھو ڏيندو آھي جنھن وٽ دليل ختم ٿي ويندا آھن اسان ڪڏهن به گار جو جواب گار سان نه ڏنو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي قيادت ملڪ ۾ جمهوريت، آئين ۽ عوام لاءِ جانيون قربان ڪيون، پيپلز پارٽي کانسواءِ ٻي ڪنهن به پارٽي جان جا نه ڪيا آھن، اسان جا اڳواڻ جيلن ۾ ويا پر ڪڏهن به ملڪ ڇڏي ڀڄي ڪونه ويا، پيپلز پارٽيءَ ڪڏھن ڪڏهن به عدليه ۽ ادارن خلاف مھم نه ھلائي, اسان سڀني کي ملڪ کي مضبوط بڻائڻو آهي. هن چيو ته جڏهن پي ٽي آءِ حڪومت وئي ته پاڪستان ٻن چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو هو، پاڪستان کي معيشت ۽ پرڏيهي سطح تي اڪيلائي جهڙا چئلينجز هئا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو سمورن ملڪن سان لاڳاپن جي بهتري لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو، بلاول ڀٽو دنيا کي يقين ڏياريو ته پاڪستان سڀني جو دوست آهي ۽ ڪنهن جو دشمن ناهي، بلاول ڀٽو بهادري سان ڀارت ويو ۽ نعرو ھنيو ته گجرات جو قصائي ڪشمير جو قصائي آهي ۽ پاڪستان جو موقف رکيو. هن چيو ته آصف زرداري جي ويزن تي ڪم ٿيندو ته معيشت ٺيڪ ٿي ويندي آصف علي زرداري سي پيڪ جو بنياد رکيو، پيپلز پارٽي پاڪستان جي موجوده صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو