اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) آرمي چيف جنرل عاصم منير قوم تي زور ڀريو آهي ته ”سياسي اختلافن کي نفرت ۾ تبديل ٿيڻ نه ڏيو“. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته فوج ۽ عوام وچ ۾ مضبوط لاڳاپا ڪنهن به دشمن کي شڪست ڏئي سگهن ٿا، پر دشمن ٻنهي جي وچ ۾ ڏار وجهي رهيا آهن. آرمي چيف جنرل هيڊ ڪوارٽر راولپنڊي ۾ اڄ ملڪ جي 59 هين يوم دفاع جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، جنهن ۾ ڀارت خلاف 1965 جي جنگ ۾ شهيد ٿيل هيروز جي قربانين کي ياد ڪندي کين خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. تقريب ۾ پاڪ فوج جي اعليٰ آفيسرن، وزيراعظم شهباز شريف، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم، ٻين اعليٰ فوجي ۽ سرڪاري عملدارن ۽ شهيد جوانن جي خاندانن سميت ٻين شرڪت ڪئي. هن چيو ته قومي ايڪتا کي ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون ڪڏهن به ڪامياب نه ٿينديون، هن قوم کي نصيحت ڪندي چيو ته مذهبي عدم برداشت کان مٿانهين ٿي وڃي ۽ آئين موجب اقليتن جي حقن جو مڪمل تحفظ ڪيو وڃي. هن چيو ته عوام ۽ فوج جا دلي لاڳاپا آهن، دحشتگردي خلاف جنگ هجي يا عوامي رليف جو ڪم يا قومي ترقي جا منصوبا هجن فوج هميشه عوامي خدمت ۾ پيش پيش رهندي آهي ۽ عوام فوج جي عزم کي مضبوط ڪيو آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي ۽ هن جنگ ۾ فوج ۽ عوام، خاص ڪري ڪي پي ۽ بلوچستان جي عوام جون وڏيون قربانيون آهن. ياد رهي ته جولاءِ جي 38 دهشتگردي جي وارداتن جي ڀيٽ ۾ آگسٽ ۾ 59 واقعا ٿيا. 26 آگسٽ تي نواب اڪبر بگٽي جي ورسي جي موقعي تي بلوچستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ هڪ ئي وقت بي ايل اي عوام، فوج ۽ سيڪورٽي ايجنسين تي ڪيترائي حملا ڪيا هئا جن ۾ 14 سيڪورٽي اهلڪارن سميت 50 کان مٿي ماڻهو مارجي ويا هئا.










