قوم سمجهي ٿي ته ڪير جيل ۾ ويهي نفرتون پکيڙي پيو

قوم سمجهي ٿي ته ڪير جيل ۾ ويهي نفرتون پکيڙي پيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري جو چوڻ آهي ته قوم سمجهي رهي آهي ته معيشت کي ڪير اڳتي وڌائي رهيو آهي ۽ ڪير جيل ۾ ويهي نفرتن کي اڳتي وڌائي رهيو آهي.باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي 76هين ورسي جي موقعي تي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪئي.ان موقعي تي ڳالهائيندي ڪامران ٽيسوري چيو ته دشمن جتي نفرت جو داستان پکيڙي رهيو آهي، اتي اسان متحد آهيون ۽ دشمن کي ٻڌائينداسين ته اسان هڪ آهيون.هن چيو ته 9 مئي جهڙن واقعن تي اسان شرمسار آهيون، مون ڪمينٽ ۾ لکيو ته اسان توهان تي شرمسار آهيون ڇو ته 9 مئي جهڙا واقعا ٿين ٿا.ڪامران ٽيسوري جو چوڻ آهي ته پاڪستاني معيشت کي اڳتي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪندا، ٻاهرين طاقتن جو داستان وڪرو ٿي رهيو آهي ۽ هتي جا خريدار خريد ڪري رهيا آهن.گورنر سنڌ چيو ته قائداعظم جي نقش قدم تي هلڻ جي ضرورت آهي، ملڪ جي اندروني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ متحد ٿيڻ جي به ضرورت آهي.سندس چوڻ آهي ته ملائيشيا جي وزيراعظم کي ايندڙ مهيني پاڪستان اچڻو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو