قوم جي ذميواري آهي ته نااهلن جو رستو روڪي: فضل الرحمان

ڊيرا اسماعيل خان: (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فصل الرحمان چيو آهي ته اسان روڊن تي ناجائز حڪومت خلاف احتجاج ڪيو، اڳتي به اهڙا ماڻهو اندا ويا ته ائين ئي انهن کي ٻاهر ڪنداسين.ڊي آءِ خان ۾ ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب سان خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته مهانگائي جو جبل سڄي قوم مٿان ڪيرايو ويو، تنهن ڪري قوم سوچي ته ملڪي ترقي جام ڪندڙ ٻيهر اقتدار جا حقدار آهن يا نه.هن چيو ته سعودي عرب ۽ دبئي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا، اهي اسان کان به پڇندا آهن ته اڳتي جو نظام ڇا هوندو پر اها قوم جي ذميواري آهي ته اها نااهلن جو رستو روڪي، اسان کي ويڙهه جو تجربو وڌيڪ ۽ دوستي جو گهٽ آهي. سندس چوڻ هو ته ڊيرا اسماعيل خان اچڻ تي وزيراعظم جو ٿورائتو آهيان، هو مسئلن جي حل ۾ دلچسپي وٺي رهيو آهي 2017 ۽ 2018 ۾ نواز شريف هتي آيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو