جوڻيجو کٽي ويو، پرويز الاهي کي ڀائٽي هٿان شڪست

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ضمني چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. بلاول ڀٽو پاران قمر شهداد ڪوٽ واري سيٽ تي ننڍي چونڊ ۾ پيپلز پارٽي جو خورشيد جھوڻيجو 91 هزار 521 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. پيٽي آءِ جي اميدوارن لاءِ پنجاب ۾ عام چونڊن جهڙي هلچل نظر نه آئي. پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 32 گجرات جي ضمني چونڊ ۾ پرويز الاهي کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو ۽ پي پي 32 گجرات جي سمورن 168 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پاڪستان مسلم ليگ (ق) جو موسيٰ الاهي 63536 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. سني اتحاد ڪائونسل جو چوڌري پرويز الاهي 18327 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. موسيٰ الاهي چوڌري شجاعت جي ڀاءُ اڳوڻي وجاهت حسين جو پٽ آهي. قومي اسيمبلي جي 5 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 16 سيٽن تي ووٽنگ جو عمل شام 5 وڳي تائين جاري رهيو. پنجاب ۾ اڪثر حلقن تي مسلم ليگ (ن) کي سرسي حاصل آهي. قومي اسيمبلي جي جن تڪن تي ضمني چونڊ ٿي رهي آهي انهن ۾ پنجاب جي 2، خيبرپختونخواهه جي 2 ۽ سنڌ جي هڪ تڪ تي ننڍي چونڊ ٿي رهي آهي.صوبائي اسيمبلين جي سيٽن تي ٿيندڙ ضمني چونڊن ۾ پنجاب اسيمبلي جي 12، بلوچستان ۽ سنڌ جي 2-2 سيٽن تي چونڊون ٿينديون.
لاهور جي مختلف علائقن ۾ انٽرنيٽ سروس جزوي طور تي معطل
اڄ ضمني چونڊن جي موقعي تي لاهور جي مختلف علائقن ۾ انٽرنيٽ سروس جزوي طور تي معطل ڪئي وئي.لاهور جي علائقن قصيب روڊ، موچي دروازي، گوالمنڊي، مصري شاهه، داتا نگر، ڊيوس روڊ، شاهه عالم مارڪيٽ ۾ انٽرنيٽ سروس متاثر ٿي آهي.ان کان علاوه ريلوي روڊ فيض پارڪ، والنسيا ٽائون، واپڊا ٽائون، ڪاهنا ۽ فيروزپور روڊ جي ڪجهه علائقن ۾ انٽرنيٽ سروس جزوي طور تي معطل آهي.باغبانپوره، مرگهي خانه چوڪ ۽ صدر جي ڪجهه علائقن ۾ انٽرنيٽ پڻ متاثر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو