قومون پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت سان سڃاتيون وينديون آهن؛ معززين

ڪنڊيارو(اسد جعفري) ڪين پاڪ پبلڪ اسڪول ۾ ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ اسڪولي شاگردن پاران قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو جڏهن ته شاگرن پاران  ملڪ جي چئني صوبن جا ٽقافتي ڊريس اوڊي ٽيبلو پيش ڪيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي اسڪول جي پرنسپال فهد علي هيسباڻي، نظير احمد، عبدالغفار ڏيپر، عطا حسين قاضي، اعزاز حسين سهتو، صدام ملاح، ميھوال هتار، سيد اسد علي شاه چيو ته هن انساني ڪائنات ۾ قومون پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت سان سڃاتيون وينديون آهن سنڌ جي ثقافت صديون پراڻي آهي اسان کي پنهنجي ثقافت سان تمام گهڻو پيار آهي سنڌي پٽڪو ۽ ٽوپي اجرڪ هر ماڻهو جو شان آهي هر سنڌي ماڻهو کي گهرجي ته هو پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سنڌي ٽوپي اجرڪ پائي پنهنجي ٽقافت سان پيار هجڻ جو ثبوت پيش ڪري.

هنن چيو ته سنڌي ميڊيا پاران هڪ سنڌ هڪ ثقافت واري اعلان کان پوءِ سنڌ جي شاهوڪار ثقافت کي اڃان به وڌيڪ هٿي ملي آهي اهو ڏينهن پري ناهي جو سنڌي قوم جو هر فرد سال ۾ هڪ ڏينهن نه پر هر ڏينهن جي پنهنجي ثقافت جو ڏينهن ڪري ملهائيندو. ٻئي پاسي  ڪنڊيارو نيشل پريس ڪلب جي صدر شبير ملاح پاران ڳوٺ مڏ ۾ مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي جنهن ۾ اين ايف يو جي صدر زاهد قائمخاني، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي اڳواڻ زاهد راڄپر، ھاءِ اسڪول ڪمال ديرو جي هيڊ ماستر سائين ابراهيم جوکيو، ڊي ايس پي ڀريا عبدالسميع وسير، ڊي ايس پي ڪنڊيارو محمد شريف عباسي، ڊي ايس پي ڪمال ديرو سمون خان بهڻ، ايس ايڇ او ڪنڊيارو علي اڪبر کوکر، ايس ايڇ او بکري اعظم جوڻيجو، جهانگير بخاري، سيد رجب علي شاهه، رئيس رضا ملاح، نيشنل پريس ڪلب جي صحافين جي طاهر جوکيو، مير ممتاز ملاح، شوڪت ڪلهوڙو، الطاف سولنگي، سيد مسعود شاهه، عبدالغفور مڱريو، راشد کهاوڙ، اسد جعفري، شوڪت چنه، احمر ڏاهري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مچ ڪچهري ۾ نامياري سگهڙ فقير آچر سولنگي، غلام حيدر عرف غمگين سيال، نذير احمد ۽ ٻين ڏور، بيت، هنر، پهاڪا، ڏٺ، پرولين سميت ٻيون صنفون ٻڌائي واهه واهه ڪرائي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو