قريشي ۽ ياسمين راشد خلاف حڪومت جو فاشزم ختم نه پيو ٿي

قريشي ۽ ياسمين راشد خلاف حڪومت جو فاشزم ختم نه پيو ٿي

پشاور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ بئريسٽر محمد علي سيف جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي سڀني سياسي قيدين جون قربانيون هڪ ڏينهن ضرور رنگ لائينديون.هڪ بيان ۾ هن چيو ته شاهه محمود قريشي ۽ ياسمين راشد پي ٽي آءِ جا قيمتي اثاثا آهن، ٻئي بزرگ ۽ بيمار آهن، پر انهن خلاف حڪومت جو فاشزم ختم نه ٿي رهيو آهي.بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته پنهنجي بيماري جي باوجود، ٻئي باني پي ٽي آءِ سان گڏ پٿر وانگر بيٺا آهن.هن اهو به چيو ته شهباز شريف ۽ مريم نواز کي هڪ ڏينهن هن فاشزم جو جواب ڏيڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو