قانون جي حڪمراني تي سمجهوتو نه ٿيندو: ڪاڪڙ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته هو قانون جي حڪمراني تي سمجهوتو نه ڪندا.ڪابينا جي پهرين اجلاس ۾ ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته آئين جي بالادستي سان ئي قانون جي بالادستي ايندي، هو قائداعظم ۽ علامه اقبال جي ويزن تي عمل ڪري پاڪستان جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪندا. .انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته مون کي يقين آهي ته الله تعالٰي اسان جي رهبري ڪندو، اسان مقرر عرصي ۾ پاڪستان جي ترقي جو بنياد رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين.هن چيو ته پاڪستان معدنيات سان گڏ زرعي ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال ملڪ آهي، هڪ تجربيڪار ۽ بهترين ٽيم آهي ۽ مون کي پنهنجي ٽيم تي فخر آهي.نگران وزيراعظم چيو ته هو ملڪي ۽ پرڏيهي سطح تي ڪيل واعدا پورا ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو