قاضي احمد: (ن س) دولتپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ کڙ ۾ زرداري برادريءَ جي ٻن سڳن ڀائرن ۾ جھيڙو ٿي پيو، گولي لڳڻ سبب 35 ورهين جو اعجاز علي پٽ علي نواز زرداري مارجي ويو آهي.ذريعن موجب ڀائرن ۾ گاهه ڪرڻ جي معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن بعد شمن زرداري پنهنجي سڳي ڀاءُ کي گولي هڻي قتل ڪري موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم جاري آهي، قتل ٿيڻ بعد علائقي ۾ خوف حراس پکڙيل آهي.










