قائم علي شاهه جي ڀاڻج پاران ن ليگ ۾ شموليت جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جي ڀاڻيجي شهزاد شاهه جيلاني پيپلزپارٽي ڇڏي نون ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو،شهزاد شاهه جيلاني نواز شريف سان ملاقات بعد نون ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو،ڪراچي ۾ بشير ميمڻ ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شهزاد شاهه جيلاني چيو ته ملڪي بحرانن کي رڳو نوازشريف ئي حل ڪري سگهي ٿو،بشير ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ڪيو ويو آهي، هن وقت سنڌ جي صورتحال رحم جوڳي آهي، سنڌ جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ اسان سمورين ڌرين وٽ وينداسين

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو