فيض گنج: (ن س ) فيض گنج ڀرسان خوفناڪ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 3 ٻارڙا ۽ سندن امڙ ٽرالر ھيٺيان ڇيڀاٽجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته سندن والد سخت زخمي ٿي پيو.فيض گنج ڀرسان مھراڻ ھاء وي سلطان ڪوٽ وٽ خوفناڪ روڊ حادثو پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ عورت ٽن معصوم ٻارڙن سميت فوت ٿي وئي، فوت ٿي ويلن ۾ معصوم ٻار رحمان شر، شيراز، اڪرم ۽ سندن امڙ اميران شر فوت ٿي ويا آهن. جڏهن ته ٻارڙن جو والد فوجي رضا شر سخت زخمي ٿي پيو آهي. فوت ٿي ويل عورت ۽ ٻارڙن جي وارثن هيوي ٽريفڪ جي خلاف احتجاج ڪري روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي.پوليس موجب تيز رفتار ٽرالر موٽر سائيڪل مٿان چڙھي وڃڻ سبب حادثو پيش آيو آھي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ياد رهي ته هيوي ٽريفڪ جو مهراڻ هاءِ وي تي منع ٿيل آهي پر ان باوجود پوليس پئسن عيوض وڏا ٽرالا ڇڏي ٿي جيڪي روڊ حادثن جو سبب بنجن ٿا.










