فيصل واوڊا پيپلز پارٽي ۾ ناهي:مراد علي شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سرفراز راڄپر کي رٽائر ڪرڻ پيپلز پارٽي جو فيصلو آهي، فيصل واوڊا پيپلز پارٽي ۾ ناهي.سنڌ اسيمبليءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته جيڪي چونڊ وڙهندا آيا انهن جو بائيڪاٽ ڪيو، 12 سيٽون کٽيون وينديون.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته چار ڏينهن اڳ گورنر سان ملاقات ڪئي هئي، امن امان جي صورتحال تسلي بخش ناهي.مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته 6 مهينن ۾ صورتحال خراب ٿي وئي آهي، امن امان جي صورتحال اڳ بهتر نه هئي، جنوري ۽ فيبروري ۾ ڏوهن ۾ اضافو ٿيو آهي، قدم کنيا پيا وڃن، انشاءَ الله ان تي ضابطو اچي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو