فوڊ اٿارٽي ۽ اين اي ڊي جي سهڪار سان فوڊ ٽيسٽنگ ليب قائم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين اين اي ڊي يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي ڊسٽرڪٽ فوڊ ٽيسٽنگ ليبارٽري جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ليب کي قائم ڪرڻ جو مقصد فيڪلٽي جي نگراني ۾ شاگردن لاءِ فوڊ پروڊڪٽس جي جاچ ۽ تجربن جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. ان موقعي تي سنڌ فوڊ اٿارٽي ۽ اين اي ڊي يونيورسٽي جي وچ ۾ هڪ مفاهمتي يادداشت (MOU) تي پڻ صحيحون پڻ ڪيون ويون. سنڌ فوڊ اٿارٽي پاران ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين ۽ اين اي ڊي يونيورسٽي پاران پرو وائس چانلسر ڊاڪٽر محمد طفيل صحيحون ڪيون. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين ٻڌايو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ فوڊ ٽيسٽنگ ليب جو ڪامياب ماڊل قائم ڪيو ويو آهي. سنڌ جي اٺ يونيورسٽين ۾ هن ماڊل جي طرز تي فوڊ سائنسز جي شعبي ۾ ليب قائم ڪئي پئي وڃي جنهن سان شاگردن کي پيشيورانه مهارت حاصل ڪرڻ ۾ وڏي مدد ملندي. هن چيو ته اهڙي طرح جي ليبز جي قائم ڪرڻ جو مقصد سنڌ فوڊ اٿارٽي ۽ پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر جي يونيورسٽين جي فوڊ سائنسز ۽ ٽيڪنالوجي جي شعبن جي وچ ۾ سهڪار ۽ ترقي جو هڪ وڏو عرصو فريم ورڪ تيار ڪرڻ آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو