فوجي عدالتن جي حمايت ۾ پاس ڪيل ٺهراءُ بابت سينيٽ ۾ احتجاج

فوجي عدالتن جي حمايت ۾ پاس ڪيل ٺهراءُ بابت سينيٽ ۾ احتجاج

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)سينيٽر سعديه عباسي چيو ته سينيٽ مان منظور ٿيل قرارداد تي جيستائين ڳالهائڻ نه ڏنو ويندو ايوان کي هلڻ نه ڏينداسين،سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته فوجي عدالتن جي حمايت ۾ ٺهراءَ جي منظوري تي سينيٽ ۾ سينيٽرز احتجاج ڪيو آهي، سينيٽرز ايوان ۾ سيٽن تان اٿي احتجاج ۽ نعريبازي ڪئي،اسان اها قرارداد منظور ڪري هڪ خراب ڪم ڪيو آهي،سينيٽر زرقا سهروردي به چيو ته منظور ڪيل ٺهراءَ تي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي، سينيٽرز جي احتجاج ۽ گوڙ بعد سينيٽ چيئرمين اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو،سينيٽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف ٺهراءُ اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو هو، پيپلزپارٽي جي سينيٽر رضا رباني ۽ جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد ٺهراءَ جي مخالفت ڪئي هئي

پهنجو تبصرو موڪليو