اسلام آباد(بيورو رپورٽ)فواد چوڌري جي گهرواري حبا چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته سندس مڙس کي گرفتار ڪيو ويو آهي.سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ حبا چوڌري چيو ته فواد چوڌري کي حراست ۾ وٺي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي حبا چوڌري چيو ته فواد چوڌري کي اسلام آباد ۾ سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو ويو.حبا چوڌري جو چوڻ هو ته فواد چوڌري کي سادو ڪپڙن وارن ماڻهن ۽ پوليس گرفتار ڪيو، اسان کي نه ٻڌايو ويو ته فواد کي ڇو گرفتار ڪيو پيو وڃي.










