لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري اليڪشن جي تاريخ جو اعلان نه ڪرڻ جي صورت ۾ حڪمران اتحاد کي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبليون ٽوڙڻ جي تاريخ ٻڌائي ڇڏي آهي.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته امپورٽ ٿيل حڪومتي اهلڪار چونڊون نٿا چاهين پر کين خبر ناهي ته ملڪ ڪيئن هلائڻو آهي، نه پاڪستان کي سياسي استحڪام جي ضرورت آهي ۽ اهو مستحڪم حڪومت کانسواءِ ممڪن ناهي. هن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي ايم 20 ڊسمبر تائين عام چونڊن جو فارمولو نه آندو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبليون ٽوڙي وينديون.پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته پنجاب، خيبرپختونخواهه ۾ عام چونڊن جو عمل 20 مارچ کان اڳ مڪمل ڪيو ويندو، هن چيو ته سمورن اتحادين کي اسيمبليون ٽوڙڻ تي مڪمل اعتماد آهي.










