فواد چوڌري پي ٽي ايم کي اسيمبليون ٽوڙڻ جي تاريخ  ٻڌائي ڇڏي

فواد چوڌري پي ٽي ايم کي اسيمبليون ٽوڙڻ جي تاريخ ٻڌائي ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري اليڪشن جي تاريخ جو اعلان نه ڪرڻ جي صورت ۾ حڪمران اتحاد کي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبليون ٽوڙڻ جي تاريخ ٻڌائي ڇڏي آهي.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته امپورٽ ٿيل حڪومتي اهلڪار چونڊون نٿا چاهين پر کين خبر ناهي ته ملڪ ڪيئن هلائڻو آهي، نه پاڪستان کي سياسي استحڪام جي ضرورت آهي ۽ اهو مستحڪم حڪومت کانسواءِ ممڪن ناهي. هن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي ايم 20 ڊسمبر تائين عام چونڊن جو فارمولو نه آندو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبليون ٽوڙي وينديون.پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته پنجاب، خيبرپختونخواهه ۾ عام چونڊن جو عمل 20 مارچ کان اڳ مڪمل ڪيو ويندو، هن چيو ته سمورن اتحادين کي اسيمبليون ٽوڙڻ تي مڪمل اعتماد آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو