اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد کي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو آهي.نگران ڪابينا ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد کي وفاقي وزير بڻايو ويو آهي.صدر عارف علوي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صلاح تي فواد حسن فواد جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته فواد حسن فواد کي جلد وزارت جو قلمدان ڏنو ويندو.ان حوالي سان فواد حسن فواد چيو آهي ته مون کي اڃا تائين ڪنهن به کاتي جي چارج نه ڏني وئي آهي، سڀاڻي وزيراعظم سان ملاقات ڪندس، ڪوشش ڪندس ته جيڪا به ذميواري ملي ان کي ايمانداري ۽ محنت سان ادا ڪريان.هن چيو ته منهنجو ماضي ان ڳالهه جو شاهد آهي ته مون هميشه ايمانداري ۽ محنت سان قومي مفاد ۾ ڪم ڪيو آهي، مستقبل ۾ به ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ پنهنجي پوري صلاحيت موجب ڪم ڪندس.
