فري لانسر هاڻي پي پال ذريعي رقم وصول ڪري سگهندا: سيف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران وزير آئي ٽي وي ٽيلي ڪميونيڪيشن ڊاڪٽر عمر سيف جو چوڻ آهي ته پاڪستاني فري لانسر هاڻي پي پال ذريعي رقم وصول ڪري سگهندا. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ ڊاڪٽر عمر سيف چيو ته پاڪستان ۾ ويهي پي پال اڪائونٽ کولڻ جي ضرورت نه پوندي.ڊاڪٽر عمر سيف جو چوڻ آهي ته ٽئين پارٽي تحت پاڪستاني فري لانسرز پنهنجي بئنڪ اڪائونٽ ۾ رقم حاصل ڪري سگهندا.هن چيو ته نئين خلائي ٽيڪنالاجيءَ سبب خانگي ڪمپنيون پاڪستان ۾ اچي سگهن ٿيون ۽ ماڻهن کي رابطا فراهم ڪري سگهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو