فرسٽ سول جج جو اسپتال تي ڇاپو،عملي کي ڇنڊ

ڪشمور(ن س) فرسٽ سول جج ڪشمور عبدالوحيد عباسي پاران سول اسپتال جو اوچتو دورو ڪيو ھيپاٽائيٽس جي ٽيسٽ جي ڪٽ اڻلڀ الٽرا سائونڊ جي روم کي تالو لڳل مڊوائيوف ۽ نائب قاصد ڊيوٽي تان غيرحاضر،دوائون اسٽورروم بدران چوڪيدار جي ڪمري مان هٿ ڪيون ويون جج پاران ايم ايس، اسٽور انچارج،اسٽور ڪيپر سميت ٻئي عملي کان سخت پڇاڻو ڪيو هن چيو ته دوائون ميڊيڪل اسٽور کان چوڪيدار جي ڪمري ۾ ڪيئن آيون ايم ايس سول اسپتال ڪشمور تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي دوائون ڪمرن ۾ لڪائي رکڻ بجاءِ ميڊيڪل اسٽور تي رکي غريب مريضن کي ڏنيون وڃن دوري دوران ايم ايس کي سول اسپتال جي ڊاڪٽرن جون پرائيويٽ اسپتالون ھلائڻ جي مڪمل رپورٽ ڪرڻ ۽ دوائون فراهم ڪندڙ اسٽور ڪيپر ھزار خان ملڪ سميت ايم ايس اعجاز سومرو کي سول اسپتال ۾ سھولتن جي کوٽ عملي جو غير حاضر ھجڻ تي سومر ڏينهن تي مڪمل رپورٽ سول ڪورٽ ڪشمور ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو