خان واهڻ (ن س) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر مهرين رزاق ڀٽو ڳوٺ علي محمد ڦرڙو ۾ پهچي معصوم نينگري فاطما جي والدين سان عذر خواهي ڪئي. هن معصوم نينگري جي مغفرت لاءِ دعا گهري ۽ متاثر خاندان سان ڏک جي گهڙي ۾ هر قسم جي مدد ۽ انصاف جي فراهمي جو يقين ڏياريو. راڻيپور جي حويلي ۾ پنج ڏينهن اڳ وحشياڻي تشدد سبب تڙپي تڙپي فوت ٿيل نينگري فاطما ڦرڙو بابت سندس والدين کان تفصيلي معلومات ورتي. ياد رهي ته نينگري جي قتل جي الزام ۾ اسد شاهه جيلاني، ايس ايڇ او ۽ ڊاڪٽر گرفتار آهن، خيرپور پوليس ڇنڇر تي ڇوڪري جو علاج ڪندڙ ڪمپائونڊر کي به گرفتار ڪيو آهي. ڇنڇر تي ئي فاطما جي قبر ڪشائي بعد پوسٽ مارٽم ڪيو ويو ۽ جزا ورتا ويا جيڪي ليبارٽري موڪليا ويا آهن.










