غير معياري “کوجي” پيداوار بند، ڪيس اڪلائجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايئر پورٽ سيڪورٽي فورس يعني اي ايس ايف پاران تيار ڪيل غير معياري “بم ڊٽيڪٽرز”  جي وڌيڪ پراڊڪشن روڪڻ جي خاطري بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس اڪلائي ڇڏيو. ڄاڻايل درخواست جي ٻڌڻي جي موقعي تي اي ايس ايف پاران لکت ۾ داخل ڪيل جواب ۾ ڄاڻايو ويو ته ”کوجي“ نالي سان ڊٽيڪٽر جي وڌيڪ پراڊڪشن روڪي وئي آهي. پبلڪ انٽريسٽ لا ايسوسيئشن پاران داخل ڪيل درخواست ۾ اهو موقف اختيار ڪيوويو آهي ته ماهرن اي ايس ايف پاران تيار ڪيل بم ڊٽيڪٽر کي ناڪاره قرار ڏئي چڪا آهن پر ان باوجود ڄاڻايل ڊٽيڪٽر ايئرپورٽ سميت ٻين اهم هنڌن کان سواءِ خانگي ادارن کي به وڪرو ڪيا پيا وڃن. جنهن سبب انساني زندگي کي خطرا ٿي سگهن ٿا. ڄاڻايل ڊٽيڪٽر اڳ ۾ برطانيه ۾ تيار ٿي رهيو هو پر هاڻي ان تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. برطانيه جي عدالت ڄاڻايل بم ڊٽيڪٽر تيار ڪندڙ ميڪ ڪارمڪ کي بي رحم  انساني حياتين سان کيڏڻ جي برابر  قرار ڏنو آهي. 20 ڊالرز جو گالف بال ڊٽيڪٽر عراق ۾ 5 هزار برطانوي پائونڊ ۾ به وڪرو ويو. جعلي ٽيڪنالوجي جي استعمال سان هزارين انساني حياتيون ختم ٿي سگهن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو