غير قانوني مهاجرن بابت پلان کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي: بگٽي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته غير قانوني مهاجرن بابت پلان کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي، مختلف شهرن ۾ سينٽرز ٺاهيا ويا آهن جتي انهن مهاجرن کي رکيو ويندو.پنهنجي هڪ بيان ۾ سرفراز بگٽي چيو ته پهرين نومبر کان پوءِ غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين سان ڪو به سمجهوتو نه ڪندا، غيرقانوني رهندڙ پرڏيهي 50 هزار رپين کان وڌيڪ نقد رقم کڻي نٿا سگهن.هن چيو ته جيڪو به غير قانوني پرڏيهين کي پناهه ڏيندو ان سان سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، غير قانوني پرڏيهين جي جيو فينسنگ ڪئي وئي آهي، اسان وٽ مڪمل معلومات آهي.سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته اسان کي خبر آهي ته غيرقانوني مهاجر ڪهڙي ڳوٺ ۽ ڪهڙي شهر ۾ آهن، مهاجرن کي رضاڪارانه طور واپسي جي ترغيب ڏينداسين.نگران گهرو وزير چيو ته مهم جو تعلق غير قانوني مهاجرن سان آهي، قانوني دائري ۾ اچڻ وارن جو مسئلو ناهي، ويزا وٺي پاڪستان اچو، مهمان نوازي ڪنداسين، مهمان نوازي آهي.هن جو اهو به چوڻ آهي ته سياسي قيادت کي خطرو آهي، اهو وقت ايندو جڏهن هن ملڪ ۾ هڪ به غير قانوني پرڏيهي نه رهندو، اهو ناممڪن آهي ته هتان کان ڊالر به اسمگل ٿئي.

پهنجو تبصرو موڪليو