چمن(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۾ غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي پاڪستان ڇڏڻ لاءِ ڏنل ڊيڊ لائن پهرين نومبر تي ختم ٿي وئي آهي. ليويز اختيارين موجب مختلف علائقن مان درجنين غيرقانوني مهاجرن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ مان افغان پناهگيرن جو غيرمعمولي انگ چمن پهچي ويو آهي. ڪنٽرول روم جو چوڻ آهي ته افغان پناهگير خاندانن کي رجسٽريشن کانپوءِ ڪيمپ ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي ۽ هن وقت تائين 5 هزار افغان پناهگير ڪئمپ ۾ پهچي چڪا آهن. ٻئي طرف ڪراچي ۾ غير قانوني رهواسين خلاف ڪارروايون دوران گرفتار 4 افغان شهرين کي هولڊنگ ڪيمپ منتقل ڪيو ويو آهي. مقرر وقت کان اڳ مسجدن مان غير قانوني رهائشي لاءِ اعلان پڻ ڪيا ويا
