اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جي اڳوڻي وفاقي وزير غلام سرور خان استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.رپورٽ موجب استحڪام پاڪستان پارٽي کي هڪ ٻئي ڪاميابي ملي وئي آهي. تحريڪ انصاف جي اڳوڻي وفاقي وزير غلام سرور خان استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين ۽ مرڪزي صدر عبدالعليم خان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو.ملاقات ۾ سينئر اڳواڻ آءِ پي پي عون چوڌري به موجود هو. جهانگير ترين ۽ عبدالعليم خان غلام سرور خان جو آءِ پي پي ۾ شموليت تي آجيان ڪئي جڏهن ته غلام سرور خان جهانگير ترين ۽ عليم خان جي اڳواڻي تي به اعتماد جو اظهار ڪيو. ذريعن موجب جهانگير ترين ۽ عليم خان طرفان غلام سرور کي پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏني وئي هئي جنهن کي هن قبول ڪري ورتو. ياد رهي ته ان کان اڳ تحريڪ انصاف جا ڪيترائي اڳواڻ استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شامل ٿي چڪا آهن جن ۾ علي زيدي، عمران اسماعيل، فردوس عاشق اعواڻ، عندليب عباس ۽ ٻيا شامل آهن.
