راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل عاصم منير جي فلسطين جي سفير احمد جواد سان ملاقات ٿي جنهن ۾ هن غزا ۾ جاري جنگ ۾ فلسطينن جي جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل عاصم منير جنرل جي ايڇ ڪيو ۾ فلسطين جي سفير احمد جواد سان ملاقات ڪئي ۽ اسرائيلي فوج جي شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.ملاقات دوران آرمي چيف پاران اسرائيلي فوج طرفان معصوم شهرين جي قتلِ عام، اسڪولن، يونيورسٽيز، امدادي ڪارڪنن ۽ اسپتالن تي حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته غزا مان فلسطينن جي جبري نيڪالي انسانيت خلاف ڏوهه جي عڪاسي آهي، عالمي برادري اسرائيلي فوج جي فلسطين ۾ جاري جارحيت جي روڪٿام لاءِ ڪردار ادا ڪري. فلسطيني سفير سان ملاقات دوران آرمي چيف 1967ع کان پهرين سرحدي بنيادن قائم فلسطيني رياست جي حمايت جو عزم ورجايو. آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف چيو ته اسرائيل خود غرضي ۽ تنگ نظريي تحت جبر ٿي رهيو آهي، اسرائيلي فوج جا ظلم انسانيت ۽ شهري قدرن جي ڀڃڪڙي آهي.
