اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي عدالت عورت جج کي ڌمڪائڻ وارو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي .اڳوڻو وزيراعظم عمران خان ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ لاءِ عدلت پهتو، ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا. سيشن جج ڪامران بشارت عمران خان جي وڪيل طرفان داخل عبوري ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، مختصر ٻڌڻي بعد عدالت پنجاهه هزار رُپين جي مچلڪن عيوض پي ٽي آءِ چيئرمين جي 13 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.










