عورتن ۽ شاگردن لاءِ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر )سنڌ حڪومت عورتن ۽ شاگردن لاءِ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ايم ڊي سمال انڊسٽريز ثروت فهيم ان حوالي سان ٻڌايو ته گڊاپ ۾ ووڪيشنل ٽيڪنيڪل ٽريننگ سينٽر کوليو پيو وڃي.هن وڌيڪ ٻڌايو ته ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر جو باضابطه افتتاح سنڌ جو صنعت ۽ واپار وارو وزير عيد کان پوءِ ڪندو.ايم ڊي سمال انڊسٽريز ثروت فهيم اهو به ٻڌايو ته عورتن ۽ شاگردن کي ڪمپيوٽر، سلائي، فائن آرٽس، گرافڪ ڊيزائننگ ۽ اسپورٽس جا ڪورس ڪرايا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو