عوام کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ پهرين ترجيح آهي

لاهور(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي قيادت ۾ ملڪ معاشي قوت بڻجي ويندو، عوام کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ پهرين ترجيح آهي.شهباز شريف سان پارٽي اڳواڻ امير مقام ۽ مدثر قيوم ناهره ملاقات ڪئي، گفتگو دوران شهباز شريف چيو ته ن ليگ هميشه وانگر هن ڀيري به قوم جي اميدن تي پورو لهندي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هو 21 آڪٽوبر تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ جذبي ۽ تاريخي عزم سان وڙهندو، عوام کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ پهرين ترجيح آهي.شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پارٽي قائد نواز شريف جي قيادت ۾ ملڪ معاشي قوت بڻجي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو