اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ بجلي جي بلن ۾ واڌ بابت پهرين مرحلي جو هنگامي اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ وزيراعظم کي جولاءِ جي بجلي جي بلن ۾ واڌ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ بجلي جي اضافي بلن ۾ گهٽتائي لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن،ڪو به اهڙو ڪم جلدي نه ڪيو ويندو جنهن سان ملڪ کي نقصان پهچي،اهڙا قدم کنيا ويندا جن سان قومي ناڻي تي بار نه پوندو ۽ صارفين کي سهولت فراهم ٿيندي،اهو ممڪن ناهي ته عام ماڻهو مصيبت ۾ هجي ۽ بيوروڪريٽس ۽ وزيراعظم پنهنجي ٽيڪس تي مفت بجلي استعمال ڪن،لاڳاپيل وزارتون ۽ لاڳاپيل ادارا مفت بجلي حاصل ڪندڙ آفيسرن ۽ ادارن جا مڪمل تفصيل فراهم ڪن،مان عام ماڻهو جي نمائندگي ڪريان ٿو، وزيراعظم هائوس ۽ پاڪستان سيڪريٽريٽ ۾ بجلي جي قيمت گهٽ ڪئي وڃي،جيڪڏهن توهان کي منهنجي ڪمري ۾ ايئرڪنڊيشنر بند ڪرڻو آهي ته پوءِ ان کي ضرور بند ڪريو،توانائي جي بچت جي قدمن تي عملدرآمد ۽ جولاءِ جي اضافي بلن جي معاملي تي صوبائي وڏن وزيرن سان تفصيلي مشاورت به سڀاڻي ٿيندي،ڊسٽري بيوشن ڪمپنيون بجلي چوري روڪڻ لاءِ روڊ ميپ پيش ڪن،پاور سيڪٽر سڌارا ۽ مختصر، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارا منصوبا جلد کان جلد پيش ڪيا وڃن،وزيراعظم جي صدارت هيٺ جولاءِ جي مهيني ۾ بجلي جي اضافي بلن بابت هنگامي اجلاس جو پهريون دور اڄ اسلام آباد ۾ ٿيو.اجلاس ۾ عبوري ڪابينا جي وفاقي وزيرن شمشاد اختر، گوهر اعجاز، مرتضيٰ سولنگي، وزيراعظم جو صلاحڪار ڊاڪٽر وقار مسعود، سيڪريٽري پاور، چيئرمين واپڊا، چيئرمين نيپرا ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.اجلاس کي بجلي جي شعبي جي مسئلن، اضافي بلن، بجلي چوري ۽ ان جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.وزيراعظم اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ هدايت ڪئي ته ٺوس قدم ۽ پلان تيار ڪري پيش ڪيو وڃي.










