عوام کان عام چونڊن ۾ 9 مئي جو بدلو وٺي: خواجه آصف

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين وٽ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جا دروازا کليل آهن پر نوازشريف جي لاءِ ان وقت ڪوبه دروازو کليل نه هو.سيالڪوٽ ۾ جشن آزادي جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي خواجه آصف چيو ته اڄ جيڪڏهن(ن) ليگ متحرڪ نظر اچي ٿي ته اهو گذريل پنجن سالن جي ثابت قدمي جو نتيجو آهي. اڄ سوا سال جي حڪومت کان پوءِ عوام جي عدالت ۾ پيش ٿيا آهيون.هن چيو ته شهباز شريف سمورين سياسي پارٽين جي قافلن کي پنهنجي منزل تائين پهچايو. اسان نٿا چئي سگهون ته چئن سالن جو سمورو گند صاف ڪيو پر اسان ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو. اسان پي ٽي آءِ حڪومت جي بارودي سرنگن مان ملڪ کي ڪڍي سوا سال مڪمل ڪيو.خواجه آصف چيو ته 9 مئي سوچيل سمجهيل منصوبو هو پر اهو منصوبو ناڪام ٿي ويو. عوام چونڊن ۾ انهن کان 9 مئي جو بدلو وٺي. اڳوڻي دفاع واري وزير چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين وٽ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جو دروازو کليل آهي پر نوازشريف جي لاءِ ڪوبه دروازو کليل نه هو.هن چيو ته نوازشريف اسيمبلي ۾ ڊڪٽيٽر جي خلاف تقرير ڪئي پر فوج ۽ ٺڪاڻن تي حملو ڪيو ويو. فخر آهي ته مان اهڙي اڳواڻ جو ڪارڪن آهيان جيڪو جبل جيان ظلم جي سامهون بيٺل رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو