اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي بابت ميڊيا جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.ان حوالي سان پنهنجي بيان ۾ عمر ايوب چيو آهي ته چيئرمين پي ٽي آءِ اسان جو چيئرمين آهي ۽ رهندو، پي ٽي آءِ يا ڪور ڪميٽي ۾ ڪا به گروپنگ ناهي.عمر ايوب چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي ٺاهيل فريم ورڪ موجب فيصلو اتفاق راءِ سان ڪيو پيو وڃي.مان وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشيءَ کي وڏي عزت سان ڏسان ٿو.سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪڏهن به ڪنهن سان تڪرار نه ٿيو، مخالف اسان کي چونڊ ميدان ۾ وڙهڻ لاءِ تيار ڪن.
