عمران کي اهڙي فيصلي ۾ گرفتار ڪيو ويو جنهن ۾ غلطيون آهن:پنجوٿا

اسلام آباد )بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ چيئرمين جي قانوني معاملن واري ترجمان نعيم پنجوٿا چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم کي اهڙي فيصلي ۾ گرفتار ڪيو ويو جنهن ۾ هزارين قانوني غلطيون آهن.نعيم پنجوٿا جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين 22 ڏينهن کان جيل ويو آهي، آئين ڪنهن جي غير قانوني گرفتاري جي اجازت نٿو ڏئي.هن چيو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ فيصلو غلط قرار ڏئي ڇڏيو ته جيل ۾ گذاريل ڏينهن جو معاوضو ڪير ڏيندو؟ نعيم پنجوٺو وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين هزار سال جيل ۾ رهڻ لاءِ تيار آهي پر قوم کيس هڪ لمحي لاءِ به جيل ۾ نٿي ڏسي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو