عمران فاروق قتل: برطانيه کان ثبوت وٺڻ لاءِ بل اسميبليءَ ۾ پيش

اسلام آباد (ڊيسڪ نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت طرفان خاموشيءَ سان قومي اسيمبليءَ ۾ هڪ بل پيش ڪيو ويو آهي جنهن جو مقصد متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جي اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل ۾ ملوث ملزمن خلاف ڪيس جي ڪارروائيءَ کي تيز ڪرڻ ۽ برطانيه مان ڪيس سان لاڳاپو رکندڙ ثبوت حاصل ڪرڻ آهي. نجي نوعيت جو اهو بل پي ٽي آءِ جي ميمبر محبوب شاهه پيش ڪيو. انگريزي اخبار ”ڊان“ جي خبر موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس بابت ٻڌڻيءَ دوران سرڪاري وڪيل اهڙي قانونسازي ڪرڻ جي پڪ ڏياري هئي. جڏهن ته دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت ۾ هلندڙ ڪيس بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هدايت ڪئي هئي ته ڪيس جي ٻڌني سيپٽيمبر 2018 ۾ مڪمل ڪئي وڃي. پر ايف آءِ اي طرفان عدالت کي ڪيترائي ڀيرا استدعا ڪئي وئي ته ڪيس متعلق وڌيڪ وقت ڏنو وڃي ڇو ته برطانوي حڪومت ڪيس بابت ثبوت ان ڪري ڏيڻ کان انڪار ڪري رهي آهي ڇو ته انگريز حڪومت سمجهي ٿي ته ملزمن تي ڪيس ثابت جي صورت ۾ کين موت جي سزا ڏني ويندي. جنهن ڪري قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيل بل تحت پاڪستان پينل ڪوڊ ۾ ترميم ڪندي ڏوهه ثابت جي صورت ۾ به عمران فاروق جي قتل ۾ ملوث ملزمن کي موت جي سزا نه ڏني ويندي. اهو بل منظوريءَ بعد قانون جي صورت ۾ لاڳو ٿيڻ کانپوءِ برطانيه کان ڊاڪٽر عمران فاروق جي پوسٽ مارٽم رپورٽ، ڊيٿ سرٽيفڪيٽ، شاهدن جا بيان، قتل ۾ استعمال ٿيل اوزار، ڪپڙا ۽ ٻيون شيون حاصل ٿي سگهنديون. واضح رهي ته 2010 ۾ قتل ٿيل ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل ڪيس ۾ نامزد ٻن ملزمن خالد شميم ۽ سيد محسن عليءَ کي پاڪستان ۾ گرفتار ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو